انور الدين جتوئي

انور الدين جتوئي: مشهور اُستاد ۽ راڳي انور الدين ولد حاجي محمد عثمان جتوئي 2 فيبروري 1944ع تي ڳوٺ ٺوڙها، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم نوان جتوئي ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول موري مان پاس ڪيائين. جنهن بعد پرائمري استاد مقرر ٿيو، کيس ننڍپڻ کان وٺي ڳائڻ جو شوق هوندو هو. راڳ جي باقاعدي سکيا حافظ محمد اسحاق ٽلٽيءَ واري کان حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ استاد علي نواز خان ۽ امداد ميراثيءَ کان راڳ جي فن جي وڌيڪ سکيا ورتائين، کيس ڀٽائي جون وايون ڳائڻ ۾ دسترس حاصل آهي. هن صوفياڻا ڪلام وڌيڪ ڳايا آهن. هن وقت تائين پي. ٽي. وي سميت مختلف سنڌي چئنلن تي ڳائي پاڻ مڃائي چڪو آهي. ڀٽائي، سچل، قلندر شهباز جي ڪانفرنسن ۽ ٻين ثقافتي پروگرامن ۾ ڳائي ڪيترا انعام به حاصل ڪيا اٿس. هن آمريڪا ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

02.02.1944  عيسوي

انور الدين ولد حاجي محمد عثمان جتوئي 2 فيبروري 1944ع تي ڳوٺ ٺوڙها ، تعلقي موري ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اُستاد فدا حسين خان
ارڏو اترادي
صديقي جهانگير
حافظ محمد 2
ڄام سَپڙُ
ڀڳت چنديرام
عبن فقير پلي دهلڙي وارو
ڀرت ڪمار ڍنگرا
اديب انقلابي
آغا حسن عابدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون